گلگت – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چئن ڏينهن جي دوري تي گلگت پهچي ويو، جتان هو نيشنل اسڪي چيمپيئن شپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ گلگت جي سياحتي مقام نلتر هليو ويو. صدر خص??صي اڏام ذريعي گلگت پهتو ته ايئرپورٽ تي گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون، وڏي وزير خ??لد خورشيد خان، ڪمانڊر فورس ڪمانڊ اتريان علائقا ميجر جنرل جواد احمد قاضي، چيف سيڪريٽري خرم آغا، آءِ جي ڊا??ٽر مجيب ا??رحمان سميت ٻين اعليٰ عملدارن استقبال ڪيو.