اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي ج??لي ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي محتسب ايف بي آر ج?? علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس و??تو هو. وفاقي ٽيڪس محتسب ايف بي آر کي ج??لي رسيدن جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران ج??لي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر ج?? عملدارن ج??لي رسيدن جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ ج??لي رج??ٽر?? پرسن کي هڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي.