اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ش??اي?? تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀينرن کي 22 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت جو ??ق ملي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وراثت ۾ زمي?? تي قبضو ۽ وراثت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي سان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ش??اي?? ڪئي هئي جنه?? تي وزيراعظم ع??ران خان فوري نوٽيس ورتو.
ٻنهي بيواهه ڀينرن جي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ش??اي?? ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر روينيو بنا موقف ڄاڻڻ جي ان جي ش??اي?? کي خارج ڪيو تنهن ڪري اسان جي دادرسيءَ ڪئي وڃ??. پي ايم ڊي يو موجب وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ان حوالي سان انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن روينيو آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃ??. وزيراعظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوامي ش??اي??ن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃ??، آفيسر عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اسان کي اسان جو وراثتي ??ق مليو آهي، ا?? تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وزيراعظم ع??ران خان جون ٿورائتيون آهيون ۽ ان جي لاءِ دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.