اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙ??ن خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ??نو آهي، ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاق?? قدرن جي فروغ ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا معلومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻائي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي معيار کي بهتر بڻائي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح معلومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙ??ن خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙ??ن خبرن جي پکيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.