حيدرآباد 8211; 19 جون (اي پي پي) ضلعي انتظاميا حيدرآباد ??اران حيدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل ??ين??و شو منعقد ڪيو ويو. ??ين??و شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا جتي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور رٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري کان علاوه 100 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا انب نمائش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ??واد غفار سومرو جي فيس بڪ پيج تان پڻ ??ين??و شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ويو هو. ورچوئل ??ين??و شو دوران آن لائن خصوصي طور خطاب ڪ??دي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ??حمد عباس بلوچ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي سٿ کي بهترين ??ين??و شو منعقد ڪر?? تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ??ين??و شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.