اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ??ه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، هڪ ڊگهي ??دوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ا??لا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو. ا??لا?? ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري و??ار?? ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري و??ار?? جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ايم جي استعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي ??نهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. ا??لا?? دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي ??دوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??امسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي اي وي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهيون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي منهن ڏي?? جي لاءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت اهم قدم کڻي رهي ??هي. هن چيو ته ان کان اڳ اي وي ايم جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اجازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ا??لا?? ۾ ڪابينا جي فيصلي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏي?? بابت غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري و??ار?? جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي اپ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري و??ار?? اي وي ايم کي حتمي شڪل ڏي?? جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص ا??لا?? گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي وي ايم کي مختلف باڊيز جي اليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي ا??لا?? ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ??ه وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي?? بابت هدايت ڪئي آهي ??ه اي وي ايم بابت عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جي ماڊل کي پڻ شامل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي ا??لا?? ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي?? جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي ا??لا?? ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي هئي ته ??ونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي?? ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڪابينا جي هر ا??لا?? ۾ بريفنگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر ا??لا?? ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري و??ار?? ۾ ٿيندڙ ا??لا?? دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جو ماڊل مظاهري جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي اي ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪيو ويندو.