اسلام آباد -19 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري و??اقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي و?? ايم) ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي و??ار جي بحالي ۽ غيرتڪراري چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ چونڊن دوران تڪرارن سبب چونڊون غير مستحڪم رهيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪميشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي ??زي?? چيو ته حڪومت وٽ وسيلا هئڻ سبب پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اي و?? ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. ??زي??اعظم عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي بنياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح ??زي??اعظم چونڊجڻ بعد اڃا تائين ڪو به تڪرار سامهون ن?? آيو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انه?? ووٽنگ مشين جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ن?? صرف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف چونڊن جا نتيجا سامهون آيا آهن.