اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ مضبوط مقامي حڪومت ج?? واع??و صرف عمران خان پو??و ڪيو، ٻيو ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف ۽ غ??ر جانبداراڻيون چونڊون ڪرايون، عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جون چونڊون ٻن حوالن سان اهم آهن، پهريون اهو ته پهريون ڀيرو تع??قي جي سطح تي سڌو سنئون ووٽ سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن، مضبوط مقامي حڪومت ج?? واع??و صرف عمران خان پو??و ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو حڪومت شفاف ۽ غ??ر جانبداراڻي چونڊون ڪرايون، هن چيو ته صرف عمران خان اهو اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندا آهن، ٻي صورت ۾ ڪيترو آسان آهي وڏي وزير جي صورت ۾ هڪ ڊڪٽيٽر رکو ۽ ڪم هلايو، جيڪا پ پ پ ۽ نون ليگ جي روايت رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ به ان رويي جو شڪار آهن، هاڻي پنجاب ۾ به بااختيار نظام قائم ٿيڻ وڃي رهيو آهي.