اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ سانحي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي ذميدارين کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽه??ي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا آهن، موسمياتي ??بديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توانائي ۽ صحت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ ملڪن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، سارڪ جي سي??ري??ري جنرل ايسا لاروان ويراڪون وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي دوري تي ??ي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم سارڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سي??ري??ري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري ڪار تحت علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سي??ري??ري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري ڪار تحت علائقائي تعاون کيو ڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي پريانٿا ڪمارا جي موت تي ??عزيت ڪئي ۽ چيو ته ان قسم جي قدمن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، شرپسندن کي انصاف جي ڪٽه??ي ۾ آڻڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن، سارڪ چارٽر جي مقصدن ۽ هدفن سان گڏيل طور تي مستفيد ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته سائوٿ ايشيا جي عوام جي زندگي جو معيار بدلائڻ لاءِ سارڪ اقتصادي بهتري لاءِ هڪ سازگار ۽ فائديمند ماحول فراهم ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم ان موقعي تي ??ور ڏنو ته گڏيل مفادن خاص طور تي ماحولياتي ??بديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توانائي جي انضمام ۽ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ۾ ايندڙ مصنوعي رڪاوٽن جي خاتمي تي ??ن جو انعقاد پاڪستان ۾ ٿيندو، سي??ري??ري جنرل وزيراعظم جو سارڪ بابت مسئلن تي ??هنمائي تي ٿورو ادا ڪندي کيس يقين ڏياريو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين جيڪو ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن جي مفاد ۾ آهي.