اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چيو آهي ته پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهش??ند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ما?? جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير آندرياس پاپستاورو سان ملاقا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان يونان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهش??ند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امن ۽ استحڪام سان نه رڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي او آءِ سي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو. او آءِ سي اجلاس سان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.