اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 29 مارچ تي ضلعي ٽانڪ ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? ۽ ??نهن سان افسوس جو اظهار ۽ شهيدن جي مغفرت لاءِ ??عا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر وطن جي خاطر جان قربان ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، صدر ڪيپٽن سعد بن عامر ۽ صوبيدار ميجر شير محمد جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر عارف علوي حوالدار سهيل اقبال، لا??س نائيڪ علي غلام ۽ رياض جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي مسڪين عل?? ۽ ??پاهي مير جي وارثن سان به رابطو ڪيو، صدر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ ??بر جميل جي دعا ڪئي.