اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي مع??شي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال ??ي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان مع??شي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم مع??شي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي مع??شي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي مجموعي مع??شي صورتحال ??ي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو ??ڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال ??ابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پريشان ڪندڙ مع??شي انگن اکرن تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.