اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ ٻن ??ورتن سميت چيني شهرين ۽ ڊرائيور جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بابت شروعاتي تفصيلن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم زخمين کي علاج جون بهترين سهولتونف راهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خ??طري ڪرائي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ ۾ هر طرح سان توهان جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، اتحاد ۽ اجتماعي ڪوششن سان انهن کي خ??م ڪنداسين.