اسلام آباد – 30 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستا?? جي روايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپ?? جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپ?? جي فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفاد?? جي ٻين شعبن ۾ تعاو?? جي حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستا?? جي سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جاري ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجي??ڻو به ڏيندو.