ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد م??مود چيو آهي ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي ع??ام کي وڏو تحفو ڏينداسين، اين ا??چ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدرآباد موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد م??اد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، اين ا??چ اي اختياريون، موٽروي پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدرآباد موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اين ا??چ اي اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد م??اد علي شاهه اين ا??چ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه شديد م??اثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي ع??ام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چ??و ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اين ا??چ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ا??چ اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد م??مود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪوششن سان ا?? ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چ??و ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.