اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي د??يا ۾ رهندڙ ڪشميري (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪشمير تي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪشميري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀا??ت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي رياستي د??شتگردي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي د??يا ۾ ڀا??تي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي د??يا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀا??ت بنا ڪنهن قانوني جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀا??تي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو ق??لا?? ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.