اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي ت??ان??ئي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ م??حول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بجلي جي م??ام?? ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان ت??ان??ئي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي ت??ان??ئي تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سان ت??ان??ئي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ م??حول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ هن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيا??ت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سان پوري عمل جي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته درآمدي ت??ان??ئي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آهي، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته بجلي جي م??ام?? ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان سان ت??ان??ئي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.