اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته م??لڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته م??لڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عا??مي انساني حقن جي حوالي سان پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن واري ڪائونسل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن ??حت گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن جي انساني حقن جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.