اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو، فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آه?? پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهن??و پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو، ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني، عدليه جي بحالي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن لائرز ڪمپليڪس اسلام آباد جي پيڙهه ??و پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن عدل ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آه??، وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي بحالي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، عدليه جي بحالي لاءِ ڏنڊا کاڌا، گوليون کاڌيون، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عدل ۽ انصاف جي لاءِ جنگ وڙهي آه??. وزيراعظم چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آه?? پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهن??و پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ ٺاهي وئي، بعد ۾ اها ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ رهجي وئي، اڄڪلهه سپريم ڪورٽ جي چار ٽي ججز جي فيصلي جو بحث هلي رهيو آه??، جيڪي ججز بئنچ کان الڳ ٿي ويا هئا انهن کي ان ۾ نه ويهڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو، بعد ۾ ان تي بئنچ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ته حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيراعظم اڪيلو ڪجهه به نه آه??، پوري ڪابينا آه?? پر اهڙو حڪم ڏيندڙ پنهن??و پاڻ تي اهو ڇو لاڳو نه ٿا ڪن، مولوي تميزالدين ڪيس بابت سڀ ڄاڻين ٿا، جسٽس منير ئي نظريه ضرورت جو موجد آه??. هن چيو ته ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي ڇو ته جيڪو به ا??يڪشن کان ڀڄندو ان جي سياست انهي ئي ڏينهن ختم ٿي ويندي. هن چيو ته 63 اي جي قانون کي ري رائيٽ ڪيو ويو، اسان ??پي?? داخل ڪئي پر ان جو ڪو اتو پتو نه آه??، سياسي پارٽين کي به ڌر نه بڻايو ويو، سمورين لاڳ??پي?? ڌرين کي گريبان ۾ جهاتي پائي فيصلو ڪرڻو آه?? ته اڳتي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻو آه?? يا ذاتي ويڙهه وڙهي ملڪ کي اتي پهچايو وڃي جتان واپسي ناممڪن هجي. وزيراعظم چيو ته اڃا به ڪجهه ناهي ويو، اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪي ججز بئنچ کان الڳ ٿيا هئا انهن کي شامل نه ڪري فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اسان کي قبول هوندو، پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي، ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه ??و پٿر رکي خوشي ٿي آه??، لائرز ڪمپليڪس جي تعمير تي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي، مون کي ڊپ آه?? ته ا??و حڪم به نه اچي وڃي ته ا??ا رقم اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ا??ڙي صورتحال پيدا ٿي ته وڪيل پاڻ ان جو دفاع ڪري وٺندا. هن چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف رکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ عملي اڳڀرائي تي قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مبارڪباد جا مستحق آه??، انهن ڪاغذن ۾ پيل منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو آه??، ان ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس کي به شامل ڪيو وڃي ۽ عورتن ۽ مرد وڪيلن جي لاءِ جدا جدا سوئمنگ پول پڻ هجڻ گهرجن. ان کان اڳ وزيراعظم لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه ??و پٿر رکيو. تقريب کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وڪيل اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.