اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن ج?? سنگين ۽ منظم خلاف ورزين ج?? خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ز??ره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موج?? ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ج?? سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن ج?? ڪارڪن عرفان معراج کي گرفتار ڪيو، پاڪستان کي عرفان معراج ۽ خرم پرويز سميت درجنين ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن ج?? محافظن ج?? حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن ج?? محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظ??ار ۽ اجتماع جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.