اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊر ?? دهشتگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو وي?? آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت کان بچائڻ آهي، دهشتگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوند?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ان جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواين جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابط?? آهي، اهو ملڪي قانون جو حص?? آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگردن کي پڻ مدد ملي ٿي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي وڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مق??س سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.