اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ترڪمانستان جي نائب پرڏيهي وزير ويپا حاجيوف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن ر??ن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. هن ر??بطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي رابطن کي وڌائڻ جي قدمن تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ۽ ان تي جلد عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.