اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي ??و اظهار ڪندي ان حو??لي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي ??ور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حو??لي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جا??ي رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون مو??ب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبو??ي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان معاملي جو جا??زو وٺي.