پشاور – 28 – اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاران وزيراعظم جي يوٿ ڊيولپمينٽ ??رو??رام تحت پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پراجيڪٽس (پي ايس ڊي پي) سرڪاري، نجي ۽ ترقياتي کاتن ۾ خيبرپختونخواهه سميت پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ 60 هزار معاوضي سان گڏ انٽرن شپس جو اعلان ڪيو آهي. پي ايس ڊي پي ??رو??رام ۾ 20 هزار انٽرن شپ سرڪاري شعبي ۾ جڏهن ته 40 هزار انٽرن شپ سرڪاري، نجي ۽ ترقياتي کاتن ۾ ڏني ويندي جنهن جو عرصو 6 مهينن کان 1 سال جي مدي جي لاءِ هوندو. ان دوران اعليٰ پيشيور ماڻهن ۽ ماهرن سان ڪم ڪرڻ جو تجربو حاصل ٿيندو ۽ ان کانسواءِ 25 هزار کان 40 هزار رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي. وزيراعظم جي پيڊ انٽرن شپ ??رو??رام کي ضم ٿيل قبائلي ضلعن سميت خيبرپختونخواهه جي نوجوانن پاران زبرست پذيرائي ۽ مثبت رد عمل مليو آهي. ان ??رو??رام تحت لکين نئين گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز جي لاءِ گهربل تجربو حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو قرار ڏنو آهي. وزيراعظم جو يوٿ ڊيولپمينٽ ??رو??رام هڪ جامع منصوبو آهي جنهن ۾ 15 ??رو??رام شامل آهن. ان تاريخي ??رو??رام تحت وفاقي حڪومت پاران نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرائيم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ ??رو??رام، بااختيار نوجوان انٽرن شپ ??رو??رام جڏهن ته بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ 5 هزار وظيفي جو اعلان پڻ ڪيو ??يو آهي. ??رو??رام ۾ نوجوان نسل کي چونڊ پيشن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو فراهم ڪندي نوجوانن کي مقامي ۽ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سمورين ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پشاور يونيورسٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد احتشام قيصر اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي معاوضي سان گڏ انٽرن شپ نئين گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين کانسواءِ عملي تجربن ۽ پنهنجي چونڊ پيشن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. هن چيو ته نوشهره ۽ پشاور ضلعن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن. سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز جي اڪثريت جون درخواستون پيشيواراڻي تجربن ۽ مهارت جي کوٽ جي ڪري رد ڪيون ويون. انٽرن شپ ??رو??رام نه رڳو نئين گريجوئيٽس کي لاڳاپيل ڪم ۾ تجربو پر انهن کي عزت سان زندگي گذارڻ جي لاءِ مناسب معاوضو پڻ فراهم ڪندي. احتشام قيصر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاوضي سان گڏ انٽرن شپ ??رو??رام جي شروع ڪرڻ تي اسان وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون ڇو ته ان ??رو??رام تحت خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي لکين نوجوان گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز کي فائدو ٿيندو. شهريار زمان هڪ ٻئي گريجوئيٽ ۽ واپڊا ٽائون نوشهره جي رهواسي پڻ انٽرن شپ ??رو??رام مان وڏيون اميدون ڳنڍي رکيون آهن ۽ هن ان ??رو??رام مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حامي ڀري آهي. خيبرپختونخواهه پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اڳوڻي صوبائي ??سي??بلي ميمبر اختر ولي خان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جو يوٿ ڊيولپمينٽ ??رو??رام نوجوانن جي ترقي جي قدمن تحت منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت تحت شروع ڪيو ??يو ??و ته جيئن ملڪ جي آبادي جي 64 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن کي موقعا فراهم ٿي سگهن. هن چيو ته وزيراعظم جي يوٿ ڊيولپمينٽ ??رو??رام پاڪستان جي نوجوانن بشمول ڇوڪرين کي جديد ۽ فني تعليم کان روشناس ڪرائڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيو ??يو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو يوٿ ڊيولپمينٽ ??رو??رام موجوده اتحادي حڪومت جي وڏين ڪاميابين مان هڪ آهي جنهن جو مقصد تعليمي، سياسي وابستگي، ذات پات ۽ خانداني پس منظر کان هٽي ڪري نوجوانن کي معاشي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ آهي. هن چيو ته وراثت ۾ ملندڙ سخت معاشي ۽ سياسي چئلينجن جي باوجود وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ترقي ۽ معاشي لحاظ کان نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تاريخي ??رو??رام جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي آهي. جنهن تحت ”ٽيلي اسڪول پاڪستان ايپ“، گوگل فار ايجوڪيشن ۽ ڊيجيٽل ڪنٽينيوس پروفيشنل ڊولپمينٽ سميت ڪيترين ئي سروسز جي شروعات ڪئي وئي آهي.