اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊ?? جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ۽ سوئيڊش پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت ??ي ٿي رهيو آهي. فورم ۾ مملڪتي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحولي??ت ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪان?? جو جا??زو وٺندي. حنا رباني کر فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاق??ت ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.