اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سنڌ حڪومت کي سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ??ڪومت جي مڪمل ت??اون جو يقين ڏياريو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ سامونڊي طوفان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ت?? وڏي وزير جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت جيڪي انتظام ڪيا آهن انهن کي ساراهيان ٿو، سنڌ حڪومت کي وفاقي ??ڪومت جي مڪمل ت??اون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان عوام جي تعاون سان ان صورتحال تي ضابطو آڻي وٺنداسين.