اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) ??سل?? ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ بنا مقابلي پارٽي جو صدر چونڊي ورتو جڏهن ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر، احسن اقبال سيڪريٽري جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات جڏهن ته اسحاق ڊار کي اوورسيز جو صدر چونڊي ورتو. ??سل?? ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف، ??سل?? ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي وزير احسن اقبال، دفاع واري وفاقي وزير خواجه م??مد آصف، راجا م??مد ظفرالحق، انجنيئر امير مقام، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان، شاهه غلام قادر سميت چئني صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نائب صدرن ۽ ٻين عهديدارن کانسواءِ وڏي انگ ۾ سڄي ملڪ ??ان پارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. انٽرا پارٽي اليڪشن جي چيئرمين سردار م??مد يوسف جنرل ڪائونسل پاران چونڊيل پارٽي عهديدارن جو اعلان ڪندي چيو ته جنرل ڪائونسل وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي ايندڙ چئن سالن جي لاءِ ??سل?? ليگ (ن) جو صدر چونڊيو آهي جڏهن ته مريم نواز شريف سينيئر نائب صدر ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر هوندي. احسن اقبال سيڪريٽري جنرل، مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاعات، عطاءُ الله تارڙ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هوندو. ??سل?? ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل ??سل?? ليگ (ن) جي قائد م??مد نواز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ پارٽي صدر وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد من??ور ڪئي. قرارداد ذريعي والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.