اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت ع??ماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مل??قات ڪئي، ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان بجيٽ 24 – 2023ع ۾ معاشي مشڪلاتن جي باوجود ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مشڪلاتن جي ازالي جي قدمن جي شموليت کي ساراهيو. مل??قات ۾ جمعيت ع??ماءِ اسلام جي اڳواڻن وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدمن کي ساراهيو.