اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر ??اڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر ??ان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي. و??ير??عظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامين?? جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي قرآن ڪريم جي تقدس جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي دنيا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت سڀني مذهبن، مقدس هستين ۽ عقيدن جو احترام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي دنيا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان کي برداشت نه آهي. و??ير??عظم چيو ته دنيا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي لاءِ مقدس، علامتن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. دنيا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي لاء?? خطرو آهي. دنيا کي بي امني، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. و??ير??عظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي لاءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي قرآن ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احتجاج به ٿيندو. ريليون ڪڍيون وينديون، هر ??اڪستاني قرآن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر ??ان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي.