اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي ا??فا?? ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ازبڪ صدر کي 9 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر مرزيوئيف جي ٻيهر چونڊجڻ کي ازبڪ عوام جي ان جي قيادت تي اعت??اد جو مظهر قرا?? ڏيندي پنهنجي پختي اعت??اد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي زو?? ڏيندي ترجيحي واپاري معاهدي ۽ ازبڪستان – پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ جي آپريشنل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهي ٻئي معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ک?? فروغ ڏيندا. ثمرقند ۽ ??ست??نه ۾ سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن علائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي ا??فا?? ڪيو.