اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وزارت 15 هين قومي اسيمبلي جي تحليل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ آئين جي آرٽيڪل 58 جي ذيلي شق هڪ جو حوالو ڏي??دي چيو ويو آهي ته صدر وزير??عظ?? جي ايڊوائيس تي قومي اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڪابينا ڊويزن 33 وفاقي وزيرن، 7 مملڪتي وزيرن، وزير??عظ?? جي 5 ايڊوائيزرن ۽ 38 خصوصي صلاحڪارن جا عهدا ڇڏيندڙن جا ٽي جدا جدا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.