اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ان موقعي تي صدر آڊٽ عمل کي وڌي?? موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته آڊٽ عمل ۾ بهتري سان ملڪ ۾ بهتر گ??رننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آڊيٽر جنرل ملڪ ۾ آ??ٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چ??و ته آڊيٽر جنرل اداري کي وڌي?? موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گ??رننس جي فروغ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪري. صدر چ??و ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالاجي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آ??ٽ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.