نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي م??قعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٻطرفي م??اقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي پاڙيسري م??ڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم زور ڏيئي چ??و ته مند – بارڊر سرحدي مارڪيٽ جي تازي افتتاح سم??ت ٻيا قدم نه رڳو سرحدي علائقن جي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر ٻنهي م??ڪن جي ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي واضح اظهار طور تي ڪم ڪندا. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان پهرين“ جي پاليسي علائقائي ترقي ۽ رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ويزن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. نگران وزيراعظم ٻنهي م??ڪن جي لاءِ پنهنجي م??فرد جاگرافيائي ??يه?? مان فائدو کڻندي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪ ايران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون شامل آهي.