اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جي تاريخ جو اعلان خوش آئنده آهي، افواهون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي، اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين تحت هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ڪري وٺن??ي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سمو??ين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب جنو??ي جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪا هڪ ??ڏي خبر آهي. هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون ٿينديون. چونڊون منعقد ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اض??فو ٿيندو.