مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منحوس خوني لڪير جي ٻنهي طرفن رهندڙ ڪشميرين کي ان عزم سان مبارڪباد ڏيان ٿو ته اسان جي حقيقي آزادي ان ڏينهن ٿيندي جڏهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ڪشميري پن??نجي منزل يعني الحاق پاڪستان حاصل ڪري وٺندا. ڪشمير مسئلي جو واحد حل ڪشميري عوام جي خواهشن موجب گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد آهي. ڪشميري عوام پن??نجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ کان نه پٺتي هٽي آهي نه هٽندي. جيستائين هڪ به ڪشميري زندهه آهي دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي منزل کان پري نه ٿي ڪري سگهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪا لائين آف ڪنٽرول تي اسان جي حفاظت جي لاءِ پن??نجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهي آهي ۽ اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن، پوليس جي شهيدن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. ڀارت جي جيلن ۾ قيد ڪشميري قيادت ياسين ملڪ، شبير شاهه، مسرت عالم بٽ، آسيه اندارابي، ناهيده نسرين، فهميده صوفي سميت سمورن حريت پسند اڳواڻن جي عزم ۽ همت کي سلام پيش ڪريان ٿو. اڄ جي تاريخي موقعي تي غزه تي اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪريان ٿو. ڪشميري عوام پن??نجي فلسطيني ڀائرن سا?? گڏ آهي ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ گڏيل قومن جي بنيادي ذميواري آهي پر اها ڪشمير مسئلي وانگر ان کان به مسلسل انحراف ڪري رهي آهي. آئو?? گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر وزير ڪرنل (ر) وقار احمد نور، اپوزيشن ليڊر خواجه فاروق احمد، وزير، انسپيڪٽر جنرل پوليس، سيڪريٽريز حڪومت، اعليٰ فوجي عملدار ۽ سول سوسائٽي جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته لائين آف ڪنٽرول جي ٻئي طرف ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميري عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو، ڪشميري عوام انساني تاريخ جي بدترين ظلمن آڏو ڪڏهن به ڪنڌ نه جُهڪايو ۽ پن??نجي رت ان تحريڪ کي زندهه رکيو آهي. آزاد ڪشمير جي حڪومت ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي بيس ڪئمپ جي حڪومت آهي جنهن جو بنيادي مقصد لائين آف ڪنٽرول جي هن ڀارت آزادي جي منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پن??نجي ڀائرن کي سپورٽ فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته آزاد حڪومت جو يوم تاسيس اسان جي وڏن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. 1947ع ۾ اسان جي وڏن ۽ مجاهدين بنا ڪنهن هٿيارن جي هي خطو آزاد ڪرايو. 76 هين يوم تاسيس ۾ پن??نجي رت جي قرباني ڏئي ڇا ان جي تڪميل تائين اها جدوجهد جاري رهندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي هتي انساني حقن ۽ آزادي جي نعمت جهڙي طرح ميسر آهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. آئون پاڪستان حڪومت ۽ خاص طور تي پاڪستاني عوام جا به ٿورا مڃان ٿو جيڪي سدائين ڪشميرين جي حمايت ۾ انهن سا?? گڏ بيٺل رهيا ۽ انهن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکي. ڀارت جي انتهاپسند حڪومت ڪشميرين جي نسل ڪشي جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرآئيني، غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدم کي نه ٿي مڃي. ان قدم جي ذريعي ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪرڻ کانپوءِ ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهران ماڻهن کي آڻي علائقي کي آباد ڪري رهيو آهي، 42 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019ع جي قدم کانپوءِ نئين صنعتي پاليسي ۽ زمينن جي قانون ۾ تبديلي ڪري ڀارتي صنعتڪارن ۽ قابض فوج کي ڇانوڻين جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪ??ي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي ڀارتي فوجين جي لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي نفرت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪ??ي پئي وڃي. ڀارت جي ان قدم سان والاريل ڪشمير جي ماڻهن جو 9.5 بلين ڊالر جو معاشي نقصان ٿي چڪو آهي. ڀارت اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميشن جي ذريعي ڦيرڦار ڪري مسلمانن کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. علائقي ۾ گورنر راڄ لاڳو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جو خواب انهي صورت ۾ تعبير ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪشميرين کي انهن جو پيدائشي حق خودمختياري جو حق ملي ۽ اهو مسئلو ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ٿئي. مون کي يقين آهي ته هاڻي اهو وقت پري نه آهي جڏهن آرپار جا ڪشميري گڏجي آزادي جون خوشيون ملهائيندا.