اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير شاخ ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو اڳوڻو ??در سردار يعقوب ان موقعي تي خاص مهمان هو، ڪانفرنس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان، جماعت اسلامي اي جي ڪي جي ا??ير ڊاڪٽر مشتاق حمد، وزير رياست احمد رضا قادري، پاڪستان انساني حقن واري ڪائونسل جي چيئرمين جمشيد احمد، ايڊووڪيٽ نبيلا ارشاد، ناصر قادري، راجا نجابت حسين، سيد يوسف نس??م، الطاف حسين واني، محمد رفيق ڊار، ملڪ اسحاق، حاجي عارف، عبدالغني لون، چوڌري فاروق، قاضي عمران، غلام نبي بٽ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. مقررين ڄمون جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪشميري عوام هن ڏينهن کي ان تجديد عهد سان ملهائين ٿا ته اهي پنهنجي ناقابل تنسيخ حق، خودمختياري جو حق حاصل ??رڻ تائين شهيدن جو مشن جاري رکندا.