گوادر – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيداري ڏينهون ڏينهن مستحڪم رهي آهي، آءِ ايم ايف سان آخري قسط جي حوالي سان پڻ اسٽاف ليول ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي اهي، دنيا اسان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافينس ان ڳالهائيند?? ڪيو. هن چيو ته انهن منصوبن ک?? وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ معاونت تي صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ??ين سان پاڪستان جي سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري آهي، هي ان رخ ۾ هڪ ٻيو قدم آهي، اها دوستي ۽ حصيداري ڏينهون ڏينهن مستحڪم ٿي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان خاص طور تي گواد?? جي عوام ترقي جي ان سفر مان فائدو کڻي رهي آهي ۽ ترقي جو اهو سفر اڳتي وڌندو، بلوچستان خاص طور تي گواد?? جي لاءِ اهڙا موقعا پيدا ٿيندا جيڪي نئين نسل جي بهتر مستقبل جي ضمانت ڏيندا. هن چيو ته مستقبل ۾ ترقي جي سفر ۾ شموليت جي لاءِ بلوچستان ۽ گوادر کي تياري ڪرڻ گهرجي، اسان ک?? انهن موقعن جي ڏس ۾ پنهنجي نوجوانن ک?? هنرمند بڻائڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه مثبت انداز ۾ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ آخري قسط جي حوالي سان اسٽاف ليول ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ نئين ٺهندڙ حڪومت ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا اسان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تيار آهي، ڪلائميٽ فنانس موجود آهي، اسان ک?? ان مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪندي منصوبو تيار ڪري پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو.