اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ٻنهي مل??ن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ وارو عظيم منصوبو هاڻي ترقي ج?? مر??لي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. چيني ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سي پيڪ جي تعمير ۾ پاڪستاني پورهيتن ۾ بدستور واڌ ٿ?? رهي آهي، انهن پورهيتن ۾ توانائي بابت ماهر خرم جاويد به شامل آهي، هو پاڪستان ۾ پاور ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن آف چائينا جي هڪ ذيلي برانچ ۾ تيل ۽ گيس جي منصوبن جي حوالي سان جوڙي ويندڙ ٽيم جو سربراهه آهي، جنهن جو مقصد مل?? ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن ج?? تلاش ڪرڻ جي حوالي سان فزيبلٽي اسٽڊي ڪرڻ آهي. خرم جاويد چيو ته سي پيڪ جتي چين ۽ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن ک?? مربوط ڪر?? رهيو آهي، اتي ان منصوبي ۾ ٻين مل??ن لاءِ شموليت ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا به موجود آهن. ان منصوبي جو مستقبل اميدن ۽ امڪانن سان ڀريل آهي جنهن سان چين ۽ پاڪستان وچ ۾ وسيع شعبن ۾ گهرن لاڳاپن ۽ گڏيل خوشحاليءَ جو رستو هموار ڪرڻ آهي.