اسلام آباد – 09 – جن??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ خصوصي ماڻهن جي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ??ي اسپيشل سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذو?? ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ حڪومتي سطح تي ملازمت جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه سرڪاري ادارا معذو?? ماڻهن جي لاءِ موزون م??ازمتن جي نشاندهي ڪن، افرادي قوت ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي لاءِ هنر موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. صدر خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهو پاڪستان جي آبادي جو اٽڪل 12 سيڪڙو حصو آهن. ڪوٽا جهڙي مثبت قدمن سان م??ازمتن ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته معذو?? ماڻهن کي قابل قدر مهارتن سان ليس ڪرڻو پوندو. خصوصي ماڻهن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت موجب ملازمتون ڏيڻ، ممڪن آجرن سان م??ائڻ جي ضرورت آهي. صدر خصوصي ماڻهن پاران معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ن??ي اسڪول معذو?? ماڻهن جي ٻارن کي داخلا ڏين، ن??ي اسڪول معذو?? ماڻهن جي جامع تعليم جي لاءِ قدم کڻن. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ??ي اجلاس کي معذو?? ماڻهن جي سهولت لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خصوصي ماڻهو سي ايس ايس جي سمورن گروپس جي لاءِ امتحانن ۾ شرڪت جا اهل آهن. ڪميشن امتحانن دوران خصوصي ماڻهن کي اضافي وقت ۽ لکت ۾ تعاون فراهم ڪري رهي ??هي. خصوصي ماڻهن کي مقابلي ??ي امتحان ۾ قاعدن تحت عمر جي مٿئين حد ۾ 2 سالن جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سمورين وزارتن، ڊويزنن، کاتن ۾ 2 سيڪڙو ملازمتن جي ڪوٽا کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي ??هي. سرڪاري شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي ملازمتن جي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي وڃي. صدر معذو?? ماڻهن جي حقن جي لاءِ وزارتن جي تعاون کي ساراهيو.