اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين، ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃيا آهن. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته آمريڪا، يورپي ي??نين ۽ بر??ان??ا اسان جا واپاري حصيدار ??هن ۽ اميد آهي ته آمريڪا، يورپي ي??نين ۽ بر??ان??ا سان تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ – چين پائيدار ??سٽريٽجڪ ۽ سدابهار ??وستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خ??شح??لي جي فروغ ۽ استحڪام برقرار ??کڻ جا خواهشمند آهيون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين ۽ دشمن عنصرن کي اهم منصوبي کي خطري ۾ وجهڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ت??لق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين.