اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع ج?? فيصلي تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئ?? فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ترجمان چيو ته ??شميرين کي خودمختيا??ي جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ??مون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتم?? فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??ارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرف?? فيصلي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀا??ت ملڪي قانونسازي ۽ عدالت?? فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ??ارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي براد??ي جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو پهرين مئي تي ڪيو آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.