اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششن سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جي لاءِ 23 ارب رپين جي امدادي رق?? جو اعلان ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته احتجاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ م??ام??ن کي خراب ڪرڻو آهي، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، عوام جي مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي م??ام??ي تي ڪالهه سمورين اتحادي پارٽين سميت اسان سڀني اجلاس ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ فوري فيصلا ڪيا ويا، آزاد ڪشمير ۾ جيڪا هڪ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي هئي انهن جا مطالبا به اسان ٻڌا ۽ 23 ارب رپين جي وڏي رق?? جو آزاد ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ اعلان ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام سان ملڻ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ مظفرآباد ويندس، گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ احتجاجي تحريڪ اڄ ختم ٿي وئي آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ مالي ??قصان به ٿيو، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، انهن واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ڪجهه شهري به شهيد ۽ ڪجهه پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا. ??زي??اعظم چيو ته قائداعظم جي فرمان موجب ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، اتي امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم سان منهنجي ڳالهه ٿي، اسان کي عوامي نمائندن جي حيثيت سان عوام جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ گهرجي، عوام جي مسئلن کي گڏجي ويهي طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ا?? ۾ ??و شڪ نه آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت تمام گهڻو تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته احتجاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ م??ام??ن کي خراب ڪرڻو آهي، احتجاج دوران انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، اڄ اها تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري، آزاد ڪشمير ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زي??اعظم سميت سمورن اڳواڻن جي تعاون تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته آزاد ڪشمير وڃي م??ام??ن کي پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ انشاءَ الله انهي جذبي کي فروغ ڏينداسين ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڪستان تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.