اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لا??ِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي لا??ِ ٻارن جي بهترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي بهترين واڌويجهه جي لا??ِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي لا??ِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لا??ِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جي خاتمي لا??ِ اعليٰ س??حي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪست??ن ۾ ٻارن جي واڌويجهه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪست??ن ۾ ٻارن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌويجهه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي لا??ِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي ب??ما??ين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي لا??ِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چ??ما?? وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ س??ڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪست??ن ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.