اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) توانائي جي وف??قي وزير سردار محمد اويس خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي، چين جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلان?? لڳائڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن تي ڪمپني ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائي مطابق توانائي واري وزير سردار محمد اويس خان لغاري چين ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. وف??قي وزير سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني لونجي گرين، انرجي ٽيڪنالوجي جي صدر زن گولي سان ملاقات دو??ان پاڪستان جي سولر توانائي جي صلاحيتن تي بريفنگ ڏني. وف??قي وزير چيو ته پاڪستان تيزي سان انرجي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي. سردار اويس لغاري چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلان?? لڳائڻ جي دعوت ڏني جنهن تي ڪمپني جي صدر گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيني ڪمپني جي صدر پاڪستان ۾ شمسي توانائي ک?? هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.