آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر ۽ گهڻ طرفي نظام کي اهم قرار ڏيندي دنيا ۾ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل سميت ڌمڪين يا طاقت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني استعمال جي مخالفت ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي پاڪستان جي ??زم کي ورجايو آهي. ايس سي او پلس فارميٽ جي ??ربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 26 – 2025ع دوران گڏيل قومن جي ??لامتي ڪا??ون??ل جي ??يرمستقل ميمبر جي ??يثيت سان پاڪستان عالمي تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي. خطرن يا طاقت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني استعمال دهشتگرد?? جي سڀني شڪلين جي ??اتمي ۽ ميمبر ملڪن جي ??هڪار سان ايس سي او جي ??يجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي. ايس سي او پلس فارميٽ جو اجلاس قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??ياستي سربراهن جي ڪا??ون??ل جي 24 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي فريم ورڪ جي ??ندر موثر ۽ گهڻ طرفي تڪرار وسيلي ڏکئين عالمي ۽ علائقائي چئلينجن کي بهتر نموني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪا??ون??ل ۾ پنهنجي ڀرپور تجربي ۽ مهارت سميت امن ۽ سلامت?? جي بحال?? جي لاءِ پنهنجو موثر ۽ مضبوط ورثو آندو آهي. هن قازقستان جي ??در قاسم جومارت توڪائيوف کي ايس سي او سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته آستانه پڌرنامي ۽ اجلاس ۾ منظور ڪيل دستاويز امن ۽ خوشحال?? جي مقصد جي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم نسل ۽ مذهب جي ??نياد تي نفرت ۽ تعصب جي وڌندڙ اشتعال کي اجاگر ڪيو. خاص طور تي اسلامو فوبيا، موسمياتي آفتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال، دنيا ۾ آيل ڪوويڊ 19 کانپوءِ جي ??ثرن جي ??والي سان چيو ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سوچ ۽ عمل جي ??تحاد جي ??رورت آهي. پرامن بقاءَ ج?? قدر کي برقرار رکندي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ گهڻ رخي اعتماد کي بحال ڪرڻ جي ??رورت تي آهي. وزيراعظم فلسطيني عوام تي آيل مصيبتن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته هن وقت تائين 37 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هن گڏيل قومن جي پناهگيرن واري ادار?? جي ڪميشن آف انڪوائري رپورٽ جي ??وثيق ڪئي جنهن ۾ اسرائيل جي ??ملن کي جنگي ڏوهن ۽ انصاف جي ??المي عدالت ۽ ان عمل کي نسل ڪشيءَ قرار ڏيندي احتساب جو مطالبو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي ??لامتي ڪا??ون??ل کي سڏڻ گهرج?? جيڪا پنهنجي ??ميواري کي برقرار رکڻ، فوري طور تي جنگبندي، انساني امداد جي ??نا ڪنهن رنڊڪ جي فراهمي ۽ غزه ۾ شهرين جي ??حفظ کي يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن کي سڀني عالمي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي. موسمياتي تبديل?? جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان ۾ آيل 2022ع جي ٻوڏ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ۾ ڪاربن خارج ڪرڻ جي ??مل ۾ گهٽ حصو هجڻ جي ??اوجود جان ۽ مال جو وڏو نقصان ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪن کي مالي ۽ فني مدد لاءِ ٻيهر ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن هو انهن آفتن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻجي ??گهن. هن عالمي مالياتي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ تي به زور ڏنو ته جيئن ان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ جامع ۽ برابري وارو بڻائي سگهجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان پنهنجي ??ودمختياري ۽ عدم مداخلت جي ??صولن جو احترام ڪندي برابري ۽ پرامن عالمي نظام جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهڻ طرفي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۾ پنهنجو سهڪار جاري رکندو.