اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ آذربائيجان ٻطرفو واپار ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. توانائي (پيٽروليم ڊويزن) واري وزارت پاران پڌرائي موجب آذربائيجان جي اعليٰ سطحي سرڪاري وفد پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي قيادت ۾ ??اڪ??ت??ني وفد سان ملاقات ڪئي. آذربائيجان جي وفد جي قيادت توانائي وارو وزير پرويز شهبازوف ڪري رهيو هو. وفد ۾ آذربائيجان جو معيش?? وارو نائب وزير صاحب ممدوف، ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي بابت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يوسف عبدالائيف، آذربائيجان جي سيڙپڪاري ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الوي منصوروف، ڊيجيٽل ڊيولپينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير جو صلاحڪار ايلچن ممدوف، ساڪر ٽريڊنگ جي گلوبل بزنس ڊيولپمينٽ جو سربراهه توگرال ڪوچارلي، انويسٽمنٽ پروموشن ڊپارٽمينٽ جو سينيئر اسپيشلسٽ امين گليئيف جڏهن ته ??اڪ??ت??ني وفد ۾ بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري، مواصلات ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفقي وزير ڄام ڪمال خان، نيشنل ڪوآردينيٽر ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ وفاقي سيڪريٽريز شامل هئا. ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي رابطن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ملتان ڪاروان سرائي، صديون پراڻي رشتي جو ثبوت آهي. ??اڪ??ت??ني وفد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي موقعن بابت آگاهه ڪي??. ڊ??ڪٽر مصدق ملڪ ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان خطي ۾ واپاري منڊين جي فروغ ۽ وچ ايشيا مان يورپ تائين ڦهليل اقتصادي لنگهن ۾ حصيدار بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات خاص طور تي سون ۽ ٽامي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن جو ذڪر ڪيو، آذربائيجان کي کاڻين جي کوٽائي ۾ مهارت حاصل آهي، هو ان شعبي ۾ ??اڪ??تان سان تعاون کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. ملاقات ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ??اڪ??تان توانائي جي طلب جو تمام وڏو مرڪز آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي آءِ ٽي جي صلاحيت خاص طور تي مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، انس??ني وسيلن جي تربيت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بجلي واري وفاقي وزير اويس خان لغاري بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري وڌيڪ منافعو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي صدر جي ??اڪ??تان جي تازي دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن کي ساراهيو. هن نجي شعبي جي لاءِ ٺوس بريفنگ جي اهميت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي وفد ان سلسلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ تجويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ورڪنگ گروپس کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرويز شهبازوف ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ تي ??اڪ??ت??ني وفد جا ٿورا مڃيا. هن ورڪنگ گروپ جي جلد اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??اڪ??ت??ني وفد ??اڪ??تان ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري ۽ ان معاملي ي تيزي سان اڳڀرائي جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين فوڪل پروسنز مقرر ڪرڻ، منصوبن جي چونڊ ۽ انهن کي منظوري جي لاءِ جلد قيادت آڏو پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.