اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي 5 آگسٽ 2019ع جي والاريل ??مو?? ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري و??تي جڏهن ته ايوان مطالبو ڪيو ته ڀارت ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪري، انساني حقن جي جاري ڀڃڪڙين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي ??نجيدگي سان عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي جمهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀا??تي قدمن خلاف ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، قرارداد ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ان ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل هڪطرفي قدمن کي هرسال يوم استحصال طور ملهايو ويندو آهي جيڪو ڀا??تي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير تي پنهنجو ڏاڍ برقرار رکڻ جي ڀا??تي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪري ٿو. ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ??مو?? ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي ??ڃان تائين موجود پراڻي تڪرارن مان حل طلب هڪ مسئلو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن، خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي جدوجهد جي پختي ??خلاقي، سياسي ۽ سفا??تي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڪشميري عوام جي همت ۽ حوصلي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڀا??تي غير قانوني والاريل ??مو?? ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن تي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ان ڳالهه تي ??ور ڀري ٿو ته ڀا??تي آئين جي تابع ڪو به سياسي عمل ??مو?? ڪشمير جي عوام جي خود اراديت واري حق جي استعمال جو متبادل نٿو ٿي سگهي، جهڙي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ لکين ڀا??تي فوج جي موجودگي تي ??ديد ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ويو آهي جنهن سان ڀا??تي غير قانوني والاريل ??مو?? ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪري خطن مان هڪ بڻجي چڪو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪري ٿو ۽ هزارين ڪشميري سياسي قيدين جي مسلسل اسيري تي ڳڻتي ??و اظهار ڪري ٿو. هي ايوان اهڙي ڇوٽ جي مذمت ڪري ٿو جنهن سان ڀا??تي فوج انصاف جي نفي ڪندڙ غاصباڻي قانونن تحت والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري رکيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو ته آزاد ??مو?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀا??تي اڳواڻن جي انهن غير ذميواراڻي بيانن کي هي ايوان رد ڪري ٿو جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن ۽ هي ته پاڪستاني قوم ڪنهن به جارحاڻي قدمن کي ناڪام بڻائڻ جي پختي ??زم جو ورجاءُ ڪري ٿي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪري، انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي ??نجيدگي سان عملدرآمد ڪرائي ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي ووٽنگ جي جمهوري طريقيڪار ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪري سگهي. اسپيڪر، قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو.