اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلال چوڌري چي?? آهي ته تحريڪ انصاف ڪو?? ڪمانڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي مشروط معافي جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ هن چي?? ته 9 مئي تي ڪو?? ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪو?? ڪمانڊر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي ماڻهن چي?? ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌري چي?? ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو در??ازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳلي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي ??خا??ب ٿيندي چي?? ته هاڻي ڪا مشروط معافي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.