اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عب??المالڪ بلوچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر جان محمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عب??المالڪ بلوچ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قدم تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عب??المالڪ چيو ته زرعي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچستان جي آبادگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قدم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳ??را??ي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.