اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو، ايڊوائيزري بورڊ تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪ??ڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته تاجڪستان کي کنڊ جي ايڪسپورٽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي ٿيندي، کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ايڪسپورٽ کان ڌا?? ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوگر ملز ايسوسيئيشن سان ريٽيل پ??ائيس جو ڪوبه تعلق ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شوگر ملز مالڪن طرفان ڪ??ند جي آبادگارن کي باقي رهتن جي ادائيگي جلد ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ڪنٽرول ڪندي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو 28 لک ميٽرڪ ٽن اسٽاڪ موجود آهي، ملڪ ۾ هن وقت واڌو کنڊ موجود آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ايف بي آر ۽ ڪين ڪ??شنرز ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي کي ٻيهر چيڪ ڪندا. ايف بي آر ۽ ڪين ڪ??شنر شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ مصالحتي رپورٽ پيش ڪندا. اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪ??ڻ جو فيصلو ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويندو.